اسلام آباد-28 سيپ??مب?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان برادرن ناتن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، عبدالله عبدالله جي دؤري سان پاڪ افغان ٻه طرفن ناتن ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. دؤرو ٻه طرفي واپاري ناتن کي وڌائڻ جي حوالي سان ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) لاءِ ڳالهين ۽ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽر??ڊ معاهدي تي نظرثاني جو عمل جلد شروع ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق شاهه محمود قريشي ۽ افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله وچ ?? پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ٿي.