اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقياتي ۽ خ??وص?? قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپر??شن سينٽر جي اجلاس ۾ صوبن سان تعليمي ادارن ۾ صحت جي رهنما اصولن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپر??شن سينٽر (اين سي او سي) جمعي ڏينهن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو ويجهڙ??ئي ۾ اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي اعلان کان پهرين صحت کاتي طرفان جوڙيل صحت ۽ حفاظت جي رهنما اصولن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻ??ئي ۽ متاثر ماڻهن جي رابطي جي نشاندهي ۽ انهن کي قرنطيه ڪرڻ جي قدمن کي وڌيڪ بهتر ڪري، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي هٿن کي ڌوئڻ جي انتطامن، مخصوص ٽيسٽنگ ۽ مائيڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تازه ترين صورتحال ۽ تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي حوالي سان منصوبابندي جي حوالي سان تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.