اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غاصباڻي ۽ هڪطرفي قدم جو ه?? سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها قرارداد ايوان ?? پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ور??ين ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جو ه?? سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪرڻ کي ور??ائي ٿو جنهن ??و مقصد ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرانساني قبضي کي برقرار رکڻ آهي. هي ايوان زور ڏي ٿو ته ڀارت جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ور??ي آهي. هي ايوان ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي پاران ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جو فائدو کڻندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نئون ڊوميسائيل قانون متعارف ڪرائڻ جي مذمت ڪري ٿو جنهن ??و مقصد هندوتوا جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي خطي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي واحد مسلمان اڪثريتي علائقي جي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ور??ي آهي. قرارداد ۾ ڀارت جي هٿياربند فوج پاران ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن، ڇاپن ۽ تلاشين ۾ عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ?? قيد ڪرڻ جي قدمن جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي آهي.