اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرمين جي لاءِ سرڪاري اجازتنامن ۽ اين او سيز جاري ڪرڻ جي لاءِ آن لائن پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل ويب پورٽل جي ڪم، خاصيتن ۽ ان جي موثر هجڻ ??ابت معاملن جو عملي طور تي جائزو ورتو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب هن ويب پورٽل قائم ڪرڻ جو مقصد بلڊرز کي ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي، گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت ۽ مقرر مدي جي اندر تيزي سان درخواستن کي اڪلائڻ کي يقيني بڻائڻ ??هي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ويب پورٽل درخواستن کي هڪ ئي و??ت اڪلائڻ جي لاءِ سمورين آفيسن سان هڪ ئي و??ت واڳيل ??هي. چيف سيڪريٽري کي سڌوسنئون ڊيش بورڊ جي سهولت حاصل آهي ته جيئن هو درخواستن تي جاري عمل جي نگراني ڪري سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو نوٽيس وٺي سگهي.