اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڏورانهن علائقن ۽ پوئتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان، ضم ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت جي ??را??مي ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽيل?? ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار وار?? وزير، منصوبابندي وار?? وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي وار?? وزير ۽ تعليم وار?? وزير تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي وڌائن ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاق?? وزير سيد امين الحق، تعليم وارو وفاق?? وزير شفقت محمود، آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.