اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميري ڀائرن جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين، پاڪستاني عوام جي دل ڪشميري ڀائر?? سان گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائر?? سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي وف?? ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.