اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جي ??مل?? جي مذمت ڪئي آه?? ۽ واقعي ۾ 7 فوجين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جو پاڪستاني فوج جي قافلي تي ??مل?? مذمت جوڳو آه??، اهڙا واقعا امن جي ل??ءِ سنگين خطرو آه??. هن چيو ته حوالدار طارق يوسف، سپاهي سليمان وقاص، سپاهي جنيد علي، سپاهي اعجاز حسين، سپاهي وقار احمد، سپاهي محمد جواد امير ۽ سپاهي ارشد علي شهادت ماڻي. ملڪ ۽ قوم جي ل??ءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي ل??ءِ صبر جميل جي ل??ءِ دعاڳو آه??ون.