اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ داخل درخواست کي کيسا ڀريندڙ گروهه جي جيل ڀريو تحريڪ جي پهرين قسط قرار ??ئي ڇڏيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان جي اسلام آباد جي عدالتن ۾ حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون رد ٿيڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ تي اهو تبصرو ڪيو. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ عمران خان چيو ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهيان، زخمي هج?? جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيس.