اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏيل عرب امارات جي صدر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل ا??ڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باقاعده ڳالهه ٻو??هه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني، جنهن تي هن رضامندي ظاهر ڪئي، دوري جي تاريخن جو في??لو سفارتي ذريعي ڪيو ويندو.