اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ پاڳل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ م??اشي استحڪام نه اچي سگهي، عمران صاحب ”ايمپائر“ ته نيوٽرل هوندو آهي جنهن کي توهان جانور چئو ٿا، ??التون ملڪ جو نه عمران خان جون تمام خراب آهن ڇو ته سندس گهوڙيُون ٽٽي چڪيون آهن، توهان کي حيرت ان لاءِ آهي ڇو ته ادارا توهان جي گهٽيا سياست جو حصو نه بڻجي رهيا آهن. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نالائق نااهل توشه خانه چور عادت کان مجبور ادارن کي پنهنجي گهٽيا سياست ۾ گهلي رهيو آهي. ال??ڪشن ڪميشن ۽ عدليه جي ذميواري بڻجي ٿي ته فارن ايجنٽ ۽ توشه خانه جي چور کان حساب وٺي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه کي عادت کان مجبور آواز نه ڏي. واپاري ۽ ڪاروبار?? برادري ۽ آبادگار ڄاڻين ٿا ته ملڪ توهان جي معاشي تباهي جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. عمران خان هڪ پاڳل شخص آهي ??يڪ?? پوري پاڪستان کي به پاڳل سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي جنهن ڏيوالپڻي طرف وٺي وڃي رهيو هو، اسان ملڪ کي اتان واپس آڻي رهيا آهيون. عمران خان جي ذميواري رڳو ملڪ کي ڦريل پئسو، رشوت ۾ ورتل زمين، چوري ٿيل هيرا، ??وشه خانه جي ڦرلٽ ۽ فارن فنڊنگ جو جواب ڏي. عمران خان جي ذميواري آهي ته چار سالن جي معاشي تباهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ چوري جو جواب ڏي. هن چيو ته عمران خان روئي رڙيون ڪري يا پٽي هاڻي ادارا توهان جي سازشي منصوبابندي جو حصو نه بڻجندا.