اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مذهب تي سياست چمڪائڻ، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائڻ ۽ قومي مفاد کي وڪرو ڪندڙ هاڻي ڪشمير تي سياست ڪري رهيو آهي، آز??د ڪشمير جي و??ير??عظم عمران خان جي اتساهڻ تي منگلا ڊيم جي مرمت جي منصوبي جي تقريب ۾ افسوسناڪ حرڪت ڪئي، عمران خان پنهنجي ٻڏندڙ سياست خاطر آز??د ڪشمير ۽ پاڪستان جي بهتري جي منصوبي جي تقريب کي منفي رنگ ڏيڻ جي گهٽيا ۽ مذمت جوڳي چال هلي، سائفر جا منٽس تبديل ڪري قومي مفادن کي ٺيس پهچائيندڙ ”ڪاريگر“ سان ٻي اميد ئي ڪهڙي ڪري سگهجي ٿي؟. عمران خان جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته توشه خانه ڦرڻ ۽ گهڙيون کپائيندڙ هاڻي ڪشمير جي نالي تي پنهنجي گندي ۽ بي شرم سياست ڪري رهيو آهي، ڪشمير فروش و??ير??عظم شهباز شريف کي نه ٻڌائي ته ڪشمير جي مسئلي تي ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي هڪ ڪلاڪ اٿ ويهه ڪرڻ ۽ رستن ۽ چوڪن جا نالا ??بديل ڪندڙ قومي مفاد تي راند کيڏي رهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته افسوس آز??د ڪشمير جي و??ير??عظم پنهنجي منصب جو خيال نه رکيو ۽ نه ئ?? ڪشمير جي مسئلي جي نزاڪت جي پرواهه ڪئي، ذاتي، پارٽي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي ان ڀونڊي انداز ۾ استعمال ڪرڻ مناسب نه هو، ان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي ها ته هو آز??د رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي و??ير??عظم جي منصب تي فائز آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته آز??د ڪشمير جي و??ير??عظم ڄاڻي واڻي و??ير??عظم جي تقريب دوران مداخلت ڪئي، و??ير??عظم شهباز شريف نرمي سان کيس چوندو رهيو ته اسان ويهي ڳالهه ڪنداسين. و??ير??عظم شهباز شريف ان کي اهو به چيو ته ڪو مسئلو آهي ته هو آز??د ڪشمير جي و??ير??عظم سان ملي ان کي حل ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته و??ير??عظم شهباز شريف هر عالمي فورم تي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي مفادن جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم سميت هر عالمي علائقائي فورم تي ڪشمير جي مسئلي کي پوري قوت سان اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته ڪاش آز??د ڪشمير جو و??ير??عظم ان جرئت جو اظهار پنهنجي ڪشمير فروش قائد آڏو ڪري ها. ڪشمير فروش جي نالائقي، نااهلي ۽ سازش جي ڪري ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع ??و غيرقانوني قدم کڻڻ جي جرئت ٿي. ڪشمير فروش مودي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جون دعائون ڪندو رهيو. ڪشمير فروش چوي ٿو ته مودي جو ٻيهر چونڊجڻ تي ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي سڄو پاڪستان متحد ۽ هڪ آواز آهي، ان حساس معاملي کي سياسي ۽ پارٽي ورڇ جي ور نه چاڙهيو، مهرباني ٿيندي.