اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ما??هن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ انهن جي ضرورتن ۽ معذورين کي نظر ۾ رکندي انهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته خصوصي ما??هن کي پنهنجي روزاني جن سرگرميون سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻ??ئڻ گهرجي ۽ معاسرتي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ سماجي، اقتصادي ۽ ڍانچاجاتي رڪاوٽن کي ختم ڪري انهن کي برابر جو ڪارائتو شهري بڻ??ئڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪام??س اينڊ انڊسٽريز، ڪيٽي، سائٽ ۽ ڪورنگي ايسوسيئيشنز جهڙن ڪاروباري تنظيمن سان اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو. صدر خصوصي ما??هن جي حقن ۽ انهن جي مختلف مقرر لاڳاپيل ڌرين خاص طور تي ڪاروباري برادري جي ذميواري بابت معاشري ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سماجي ۽ اقصادي سرگرمين جي مرڪزي ڌارا ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز خاص طور تي معذوري ما??هن جي شموليت کي يقيني بڻائي پاڪستان جي معاشري کي جامع بڻ??ئڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها خصوصي ما??هن کي درپيش مسئلن جي حل خاص طور تي ڪاروباري مرڪزن، صنعتي علائقان، مالياتي مرڪزن، بئنڪن، واپاري علائقن ۽ بازارن ۾ وهيل چيئر فرينڊلي ريمپ ٺاهي انهن جي چرپر ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته خصوصي ما??هن جي لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ ڪم جي جاين تي انهن جي لاءِ دوستاڻو ۽ سازگار ماحول يقيني بڻايو وڃي. صدر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ما??هن جي زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت کي يقيني بڻ??ئڻ سان گڏوگڏ انهن سان باعزت سلوڪ ڪرڻ ۽ همدردي سان پيش اچڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي اڳتي اچن ۽ ان نيڪ مقصد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ما??هن کي هنر ۽ ضروري تربيت فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اهي پاڻڀرا ۽ مالي طور تي خودمختيار بڻجي سگهن. خاون اول بيگم ثمينه علوي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي خصوصي ما??هن جي حقن ۽ سهولتن جي حوالي سان آگاهي مهم بابت آگاهه ڪيو.