شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اعليٰ سطحي رابطن تي اطمينا?? جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان سعودي عرب سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو عزم رکي ٿو، سعودي ولي عهد جو پاڪستا?? جو دورو گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ڳالهائيندي ڪيو، ٻنهي ??ڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ – 27 سمٽ“ جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ??ڳواڻن مختلف شعبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپ?? جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي ڀائراڻن رابطن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ج?? جون پاڙون گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ قدرن ۽ گڏيل حمايت جي لازوال روايت تي ??نڍيل آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جو تمام گهڻو احترام ۽ سعودي عرب جي عوام سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ 20 لک پاڪستانين جي لاءِ سعودي عرب جي مهمان نوازي ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشح??لي ۽ اقتصادي اڳڀرائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. رياض ۾ پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وڌندڙ اعليٰ سطحي رابطن تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو. ٻنهي ??ڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي منتظر وزيراعظم چيو ته کيس اعتماد آه?? ته هي ??ورو گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن خاص طور تي ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ عوام جي وچ ۾ رابطي کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آه??. هن اميد ظاهر ڪئي ته خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۾ ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي م??لي مدد تي ??يان ڏيڻ جي حو??لي سان ”ڪوپ – 27“ جا ٺوس نتيجا نڪرندا. وزيراعظم ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ تحت ٺوس ماحولياتي قدمن جي فعاليت تي ولي عهد جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ سعودي قيادت کي پاڪستان پاران مڪمل معاونت جو يقين ڏياريو.