بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ناليواري چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ گڏيل ??نص??بن خاص طور تي شمسي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي ??نص??بن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت ٻين وڏن ??نص??بن ۾ سيڙپڪاري جو يقين ڏياريو ??هي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي پهرين درجي جي ڪمپنين جي نمائندن ملاقاتڪ ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل ??نص??بن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيني ڪمپينن کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي ??نص??بي تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم گوادر هوائي اڏي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو. لاڳاپيل چيني ڪمپني ايندڙ سال جي شروع ۾ گوادر هوائي جي تعمير کي مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. وزيراعظم چيني سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين جي نمائندن کي خطاب ڪندي چيو ته هو ان ڳالهه کان آگاهه آهي ته ماضي ۾ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا جنهن تي هو معذرت خواهه ??هي. هن ٻڌايو ته 11 اپريل 2022ع تي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سندس حڪومت چيني ڪمپينن کي درپيش مسئلا حل ڪيا. چيني ڪمپينن کي واجب الادا 160 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي وئي ??هي. 50 ارب رپيا گذريل ڏينهن ادا ڪيا ويا آهن ۽ 50 ارب رپين مان ريوالونگ فنڊ ڏنو ويو ??هي. وزيراعظم ٻڌايو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي هدايت تي اسٽيٽ بئنڪ ريوالونگ اڪائونٽ ٺاهي ڇڏيو ??هي. ادائيگين سان گڏ ئي وڌيڪ 50 ارب رپيا ان ۾ شامل ٿي ويندا. هن چين مان درآمد ڪيل ڪوئلي جي ادائيگين ۾ ماضي ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يقين ڏياريو ته ديامر ڀاشا ڊيم ??نص??بي ۾ زمين هاصل ڪرڻ جي مسئلن کي حل ??يو ويندو ۽ ان ??نص??بي جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ اچڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيني شهرين کي نشانو بڻائڻ جي واقعن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو ۽ ٻڌايو ته انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ??يو ويو آهي ۽ انهن کي مثالي سزا ملندي. وزيراعظم شهباز شريف يقين ڏياريو ته حڪومت چيني سيڙپڪارن جي تحفظ جي لاءِ بهترين قدم کڻندي ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ کانسواءِ ٻين ??نص??بن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ کانسواءِ سمورن ??نص??بن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين جي سيڪيورٽي جو هڪ معيار مقرر ??يو ويندو. هن چيو ته اسان کي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سلامتي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر عزيز ??هي. وزيراعظم مهمند ڊيم بابت پيش ايندر ڪجهه مسئلا حل ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. هن چيو ته 2 ڪروڙ جي آبادي واري شهر ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي تمام وڏو مسئلو ??هي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي ان ??نص??بي کي اڳتي وڌائيندي. هن چيني ڪمپنين کي آگاهه ??يو ته حڪومتي شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ پيدا ڪرڻ و جامع ??نص??بو ٺاهيو ??هي. وزيراعظم هوا مام بجلي پيدا ڪرڻ جي ??نص??بن ۾ پڻ چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻارڻ جي لاڳت گهٽ ڪري تيل ۽ گئس تي خرچ ٿيندڙ وڏي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ڪري سگهبي. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي فروغ لاءِ چيني ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ??يو ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جيل اءِ دلچسپي تي چيني ڪمپنين جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو 6 مهينن ۾ ٽي ڀيرا گوادر بندرگاهه جو دورو ڪري چڪو ??هي. هن ايم ايل ون ۽ ٻين ??نص??بن ۾ دلچسپي ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي پڻ چيني حڪومت ۽ ڪمپنين جا ٿورا مڃيا.