اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اضافي 30 ملين ڊالر جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دنيا کي ٻوڏ سان پ??دا ٿيندڙ الميي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ?? حصو وجهڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ 30 ملين ڊالر جي انساني امداد جي اعلان تي آمريڪي حڪومت جا ٿ??رائتا آهيون. هن چ??و ته سرديءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي خوراڪ، صحت ۽ رهائش جا چئلينج درپيش آهن. ٻوڏ سان پ??دا ٿيندڙ الميي جي اثرن کي گه?? ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي فوري طور تي گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ?? حصو وجهڻ گهرجي.