فيصل آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي لائل پور ميوزيم فيصل آباد ۽ شاگردن ريلي ڪڍي جنهن جي قيادت ڊائريڪٽر لائل پور ميوزيم ميان عتيق احمد ۽ ايسوسيئيشن آف پرائيويٽ اسڪولز پاڪستان جي چيئرمين خالد حيات ڪ??وڪا ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪ??دڙن بينرز ۽ پلي ڪارڊز ??ڻي رکيا هئا. ڪشميرين جي حق ۾ فلڪ شگاف نعرا هنيا ويا. فضا ڀارت مرده آباد جي نعرن سان گونجي اٿي. شرڪت ڪ??دڙن جو پيغام هو ته ڪشمير جي آزادي تائين آواز بلند رکنداسين.