اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پهرين آئين ساز اسيمبلي جي ڊائمنڊ جوبلي جي ??قريبن جي ??لسلي ۾ ع??رت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي ??هتمام هيٺ عورتن جو ڪنوينشن قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيو جنهن جي ??دارت قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف ڪئي. ڪنوينشن ۾ موجود ۽ اڳوڻي ع??رت پارليامينٽرين زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عورتن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ??اگردن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن جو موضوع مرڪز يقين شاد باد هو. اجلاس دوران ڪنوينشن ۾ شريڪ عورتن کي قومي اسيمبلي ۾ ع??رت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي ??والي سان ٻڌايو ويو ته 2008ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فهميده مرز?? اسپيڪر بڻي ته ان وومين ڪاڪس جو بنياد رکيو جنهن جو مقصد عورتن جي ??قن جي لاءِ قانونسازي ڪرڻ هو. وومين ڪاڪس جي ??يڪريٽري شاهده رحماني چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت خلاف مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجو نالو ڪمايو. هو جمهوريت جي لاءِ شهيد ٿي تاريخ ۾ پنهنجو نالو امر ڪري وئي. جڏهن ته اجلاس ۾ اهو وچن ورجايو ويو ته اسان ملڪ جو دفاع ڪن??ڙ پاڪ فوج جي ??وانن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ جو دفاع ڪن??اسين. گلگت بلتستان سان لاڳاپيل سعديه دانش چيو ته حضرت خديجه ڪبريٰ ۽ حضرت فاطمه الزهره جي ??ي مثال جدوجهد ۽ عظيم قربانين سان تاريخ رقم ٿي آهي. اهڙي طرح محترمه فاطمه جناح ۽ ٻين عورتن تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. محترمه نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي ڊاڪٽر رٿ فائو کي به خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين سازشن ۽ نفرتن کان محفوظ رکي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ ۽ ان کانپوءِ جن به ناليوارين عورتن ۽ گمنام عورتن قربانيون ڏنيون انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي جي ??ڳوڻي ميمبر نعيمه ڪشور خان چيو ته قانون ته تمام گهڻا ٺهن ٿا پر هاڻي اسان کي انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. نزهت شيرين چيو ته ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي عورتن جو ڪنوينشن منعقد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. نرگس فيض ملڪ چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سڀئي سياسي پارٽيون اهو وچن ڪن ته عورتن کي سرمائيدار طور تي نه پر وفاداري جي ??نياد تي ٽڪيٽ ڏني ويندي. ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره چيو ته اسان جي ??ڃاڻپ پاڪستان آهي، اسان کي نظرانداز نه ڪيو وڃي ۽ منهنجي ??ڃاڻپ مهاجر آهي، آئون انهن جي نمائندگي ڪريان پئي، پاڪستان کي اسان ٺاهيو آهي جنهن تي شاهده رحماني چيو ته منهنجا ابا ڏاڏا به هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا. نامياري سماج سڌارڪ طاهره عبدالله چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان اسان ڏسون پيا ته وومين ڪاڪس پوري طرح فعال ناهي رهيو ان کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. ٽرانس جينڊر جي نمائندگي ڪن??ي ببلي چيو ته اسان کي پهريون ڀيرو هن ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي سڃاڻپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ٽرانس جينڊر جي ??حفظ لاءِ قانون موجود آهي ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته هن ايوان ۾ عورتن وانگر ٽرانس جينڊر لاءِ به ڪوٽا مخصوص ڪئي وڃي، هي اسان جو به پاڪستان آهي. جڏهن ته طاهره اورنگزيب اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ايوان جا دروازا عام عورتن کي به لاءِ کوليا آهن. هن ڪنوينشن ۾ سمورين عورتن جي ??ريڪ ٿيڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته نرگس فيض جو اهو جملو تمام وڏو آهي ته سياسي پارٽين کي وفاداري جي ??نياد تي عورتن کي ٽڪيٽون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته آئون ان مطالبي جي ۽ ٽرانس جينڊر جي لاءِ سيٽ مخصوص ڪرڻ جي ??ه حمايت ڪريان ٿي. سحر ڪامران چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سوات تي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جو اعلان پنهنجي ??خري خطاب ۾ ڪيو هو. وجيها اڪرم چيو ته ع??رت ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ آهي، ان جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته ان کانسواءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊپٽي اسپيڪر شاهين ڪوثر ڊار، سينيٽر روبينه خالد، سينيٽر رخسانه زبيري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ڪنوينشن ۾ قرارداد پيش ڪن??ي چيو ويو ته عورتن جو هي ڪنوينشن ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي تحريڪ پاڪستان جي ??دوجهد ۾ ڪردار ادا ڪن??ڙ عورتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ ڪنوينشن مطالبو ڪري ٿو ته عورتن کي قرآن ۽ سنت موجب حاصل حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. جڏهن ته ان کانسواءِ عالمي ڪنوينشن تحت عورتن کي جيڪي حق حاصل آهن انهن کي به يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته قرارداد کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.