ڪراچي – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير ڪميٽي اوورسيز جي وائيس چيئرمين، پاڪ??تا?? جرنلسٽس فورم سعودي عرب جي صدر ۽ سماجي اڳواڻ معروف حسين چيو آهي ته پاڪ??تا?? ڪشميرين کي معاشي سرگرمين ۽ سماجي ۽ سياسي زندگي کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کان پوري طرح آگاهه آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سعودي عرب ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. سعودي عرب جي شهر جده مان ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي اي پي پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻ??له?? ۾ هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائ??ن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ مضبوط حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هتي رياض سفارتخاني ۽ جده قونصليٽ ۾ به مختلف تقريب?? جو اهتمام ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍ جي خلاف موثر آواز اٿاريو وڃي. هن چيو ته اسان جي ڪشميري ڀائ??ن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ رکيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته اسا?? جو ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين کي ظلمن کان فوري ۽ مڪمل آزادي ڏيارڻ آهي ۽ بزدل ڀارتي فوج هٿان ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻه?? جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ آهي. معروف حسين ان اميد جو به اظهار ڪيو ته اسان جا ڪشميري ڀينر ۽ ڀائر پنهنجي جدوجهد جاري رکندا ۽ آخري وقت تائين وڙهندا ۽ ثابت قدم رهندا. جيستائين ڪشمير پاڪ??تا?? نه ٿو بڻجي وڃي.