ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن ??ي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ?? هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي وقت سر ادائيگي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪ??ي ته قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي حوالي سان جيڪي ڪوتاهيون ٿيون ۽ جيڪي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون اهي ورجايون نه وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪ??ي ته متاثرين کي دوائون ۽ کاڌي پيتي جون شيون ترجيحي بنيادن تي پهچايون وڃن. هن امدادي سامان جي فراهمي جي سمورن رڪارڊز کي محفوظ رکڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بلوچستان جي وڏ?? وزير مير عبدالقدوس بزنجو دوري ۽ متاثر علائقن ??و جائزو وٺڻ ت?? وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن خاطري ڪرا??ي ته صوبائي حڪومت وزيراعظم آفيس کي هر ممڪن طور تي امداد ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه رکندي ۽ وزيراعظم جي هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاق?? وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاق?? وزير اسرار ترين ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين موجود هئا.