اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ترڪي جي صحت واري وزير ڊاڪٽر فرحتين گوجا انقره ۾ ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ترڪي ۾ صحت جي نظام کي تبديل ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان کي ساراهيندي ترڪي پاران پاڪستان ۾ صحت جي شعبي خاص طور تي صحت جي خدمتن، دوائون ٺاهڻ، ڊجيٽل صحت ۽ تربيت ۽ طبي پيشيوراڻي ماڻهن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ کنيل گڏيل قدمن جو ذڪر ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران ترڪي جي مخلصاڻي مدد جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان ۾ خطرناڪ ٻوڏ کانپوءِ مظفرڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال جي قيام کي خاص طور تي ساراهيو. وزيرا??ظم ترڪي پاران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي واکاڻ جوڳن قدمن تي ترڪي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي وبائي مرضن سبب پيدا ٿيندڙ صحت ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، ويڪسين جي تياري ۾ تعاون کي جاري رکڻ گهرجي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف صحت بابت ترڪي – پاڪستان جوائنٽ ورڪنگ گروپ کي ٻطرفي صحت تعاون جي مختلف رخن تي جامع ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گڏوگڏ پيٿالوجي ليبز جي قيام، پاڪستان ڪڊني ليور انسٽيٽيوٽ جي بهتر ڪم ۽ آٽو موبائيل ايمبولينسز سميت مختلف قدمن تي عمل ٿيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ترڪي جي صحت واري وزير طبي ا??زا??ن ۽ دواسازي جي تياري، صحت جي سياحت ۽ معيار جي ضابطي سميت صحت جي شعبي جي مختلف رخن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ترڪي جي صحت واري ??زا??ت ج?? هڪ ٽيم ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي. ترڪي جي صحت واري وزير چيو ته ه??ندڙ سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان ۾ ”پاڪ ميڊيڪا ايڪسپو اينڊ بزنس فورم“ جو انعقاد ڪيو ويندو، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته صحت ??ي گڏيل ورڪنگ گروپ جي ذريعي متفقه شعبن ۾ تعاون کي جاري رکيو ويندو.