مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسان اسلامي تعاون (او آءِ سي) جي س??ڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي حڪومت ج?? ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مس??ما?? امت ج?? مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائو??سل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي دلچسپي ۽ ان جي ڳڻتي بابت معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي او آءِ سي جي صاف ۽ مسلسل حمايت تي او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪيو. هن تنظيم تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي س??امتي ڪائو??سل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪري. وزيراعظم شهباز شريف او آءِ سي کي چيو ته مسجد اقصيٰ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪيون وڃن، هن زور ڏنو ته اسرائيل کي مقدس ۽ مبارڪ مسجد اقصيٰ کي مختلف عقيدا رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ عارضي يا مقامي طور تي ورهائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. وزيراعظم افغانستان جي عوام لاءِ فوري انساني مدد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.هن زور ڏنو ته عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي س??ڪريٽري جنرل قبول ڪري ورتو. سيڪريٽري جنرل وزيراعظم شهباز شريف کي منصب عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي او آءِ سي جي باني ميمبر جي طور تي پاڪستان جي فعال ۽ اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي س??امتي ڪائو??سل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ او آءِ سي جي حمايت ج?? ورجاءُ ڪيو. هن مس??ما?? امت کي درپيش اهم مسئلن خاص طور تي فلسطين، افغانستان ۽ اسلامو فوبيا تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.