بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جو امن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جو فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي ل??ءِ اسان جي سڀني ڪوششن جي ڪاميابي افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ ٽه ڌرئي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چ??و ته آئون سڀ کان پهرين اڄ جي هن ٽه ڌرئي گڏجاڻي جو اهتمام ڪرڻ تي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اسان جي اها گڏجاڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهي. هن چ??و ته اهو پاڪستان ۽ چين کي افغان عملدارن سان پنهنجي موقف جو حصيدار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي، اهو افغان ڌر کي ٻڌئڻ جو به موقعو ڏي ٿي، اهو اجلاس پاڪستان ۽ چين ??نهي کي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس ل??ءِ رابطاڪاري ۾ مدد ڏيندو. پرڏيهي وزير چ??و ته آئون خطي ل??ءِ هڪ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي حوالي سان اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ريمارڪس جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چ??و ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي واپسي جو پاڪستان کان وڌيڪ ڪو ملڪ خواهشمند ن?? آهي، خطي جو امن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جي فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي ل??ءِ اسان جون سڀئي ڪوششون جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام نٿيون آڻي سگهن ته ان کي ڪاميابي نٿو چئي سگهجي. هن چ??و ته اسان افغانستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ ٻطرفي ۽ اهم علائقائي ملڪن جي حمايت سان پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس افعانستان جي حمايت ۾ عالمي برادري کي جمع ڪرڻ جو هڪ ڪامياب موقع?? هو. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو ڪالهه ٿيڻ وارو اجلاس افعانستان تي هڪجهڙي علائقائي موقف ل??ءِ انتهائي اهم آهي، اسان عالمي برادري خاص طور پاڙيسرين ??اران افغانستان کي ڏيڻ واري حمايت کي ساراهيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته اسان کي افغان عملدارن ۽ عالمي برادري ٻنهي سان تمام گهڻو ڪجهه گهربل آهي، عالمي برادري رابطن جي اڳين ??رحلي ۾ افغان عملدارن طرف ڏسي رهي آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي اڃان تائين ختم ناهي ٿي، دهشتگردي جو خطرو هاڻي پهرين کان به وڌيڪ آهي، پرڏيهي وزير چ??و ته انهن حالتن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت افغان عملدارن جي تازي فيصلي تي عالمي برادري جي ڳڻتي فضول نه آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عملدار پنهنجي پهرين ڪيل اعلانن تي عملدرآمد ڪندا ۽ عالمي برادري سان گڏ رابطن کي مضبوط ڪندا. آئون افغان وفد کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حمايت ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. پاڪستان، عالمي برادري تي به زور ڏيندو رهندو ته هو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي ل??ءِ اضافي طريقن تي به غور ڪن، چين سان گڏجي اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ل??ءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، اسان کي اميد آهي ته افغان عملدار هڪ پرامن دوست آهن ۽ مستحڪم افغانستان جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهندا.