اسلام آباد – 18 8211; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عم??ان خان نه جهڪندو نه وڪامجندو، وزيراعظم عم??ان خان بليڪ ميل نه ٿيندو، منهن موڙيندڙ ميمبرن جي لاءِ پيغام آهي ته هي ڇانگا مانگا جو دور ناهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عم??ان خان ڪنهن سان ٺاهه نه ڪندو، ڄمي بيٺل آهي ڪپتان، معاشري جي اندر ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته ڪير حق ۽ ڪير باطل سان گڏ بيٺل آهي، توهان کي سڀاڻي ماڻهن کي جواب ڏيڻو پوندو، منهن موڙيندڙ ميمبر واپس پنهنجي گهر اچي وڃن، فرخ حبيب چيو ته توهان وٽ موقعو آهي نيلام گهر ??ان واپس نڪرو، مخالف ڌر پنهنجا سمورا پتا ظاهر ڪري ڇڏيا، اسان وٽ ڪيترائي پتا ۽ آخري ڪارڊ موجود آهي.