اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ هن چيو ته سينيٽر رحمان ملڪ هڪ سلجهيل، ڏاهو ۽ دورانديش سياسي اڳواڻ هو، مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال وڏي عر??ي تائين ڀرجي نه سگهبو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ا??له تعاليٰ کان محروم جي درجن جي ب??ندي ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر جميل جي ??عا ڪئي.