اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ي??رپ?? يونين جي صدر وزيرا??ظم عمران خان کي ٽيليفون ڪري ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين جي تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري، وزيرا??ظم ان تي عملي قدم کڻندو، جهانگير ترين ۽ عليم خان پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا ر??ندا آهن، مقامي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ٿيو، اجلاس ۾ پشاور واقعي تي بريفنگ ڏني وئي، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، اسان جي فورسز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي تمام جلد جوابدارن تائين پهچ حاصل ڪئي. هن چيو ته ماسٽر پلانر سميت سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وزيرا??ظم عمران خان کي ي??رپ?? يونين جي صدر ٽيليفون ڪال ڪئي، ي??رپ?? يونين جي صدر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته يوڪرين ۽ روس تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ي??رپ?? يونين جي صدر جي وزيرا??ظم عمران خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه و??ي اڳڀرائي آهي، وزيرا??ظم عمران خان ان تي عملي قدم کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سياست ۾ سدائين ڪجهه نه ڪجهه لڳل رهندو آهي، هي بلبلو تمام جلد ڦاٽي ويندو. هن چيو ته جهانگير ترين ۽ عليم خان اسان جي پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، اهي اسان جي پارٽي جو حصو آهن. پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي ۽ اهي پنهنجي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ايم پي يز جون انهن سان همدرديون، دوستيون ۽ پراڻا لاڳاپا آهن، وزيرا??ظم عمران خان سان عليم خان ۽ جهانگير ترين جا ويجها لاڳاپا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا ر??ندا آهن، مقامي سطح تي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي.