اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو، پاڪستان هٿين خالي ڪ??ميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو، ڪشميري عوام اڄ به عالمي انصاف جي منتظر آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنج فيبروري يوم يڪجهتي ڪ??مير جي حوالي سان اهم پيغام ۾ چيو ته 5 فيبروري تي هن سال به اسان پنهنجي ڪ??ميري ڀائرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 1990ع ۾ جڏهن هٿين خالي ڪ??ميرين تي طلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته پاڪستان عالمي برادر?? کي باور ڪرايو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان توهان پاڪستان ۽ ڪشميرين سان هڪ واعدو ڪيو ??و، جيڪو اڃان تائين وفا نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ سلامتي ڪ??ئونسل جون ڪيتريون ئي قراردادون ان حوالي سان موجود آهن. ڪشميرين سان واعدو ڪيو ??يو ??و ته گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انهن کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويندو ۽ انهن جي راءِ جو احترام ڪيو ??يندو. شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 90ع جي تاريخ اڄ وري ورجائي پئي وڃي، هٿين خالي ڪ??ميرين کي سرچ اينڊ ڪوارڊن آپريشن جو نشانو بڻايو ??يو ??ڃ?? کين عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ??يو ??ڃي، معصوم ڪشميرين، عورتن، ٻارن کي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو ??يو ??ڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پنج فيبروري تي يڪجهتي جي اظهار جي ذريعي مظلوم ڪشميرين کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان انهن سان گڏ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون . پاڪستان هٿين خالي ڪ??ميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو،. هن چيو ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو. اسان مظلوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي بنيادي حقن جي پائمالين جي خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشميري نه اڪيلا هئا ۽ نه ئي اڪيلا آهن، 5 فيبروري تي انشاءُ الله پوري قوم مظلوم ڪشميرين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي.