اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع ??سج?? مان اخلاق جي تعمير جي موضوع تي جمعي جو خطبو معمول موجب سڌو ??نئون نشر ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ??اڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو. هن چيو ته زندگي جي هر رخ جي لحاظ کان حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ ۽ تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، بهترين اخلاق معاشري جو حسن هوندو آهي جنهن معاشري ۾ رويي ۽ هڪ ٻئي سان سلوڪ بهتر هجي اهو ئي معاشرو دنيا ۾ عزت ۽ وقار جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اسلام جي تاريخ اخلاق حسنه جي مثالن سان ڀري پئي آهي، هن هجرت حبثه جو تاريخي حوالو ڏنو ۽ چيو ته مسلمان پناهگيرن جي اخلاق جي ڪري اتي ان لاءِ عزت، احترام ۽ همدردي جا جذبا پيدا ٿيا آهن، اسلام جي ڇپجڻ جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلمان ديانت، امانت، سچائي، تعاون ، ايثار ۽ انساني احترام جي روين ??ي فروغ ڏنو، هن عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ ۽ ٻين ??ي خراب نالن سان پڪارڻ جي مخالف جي باري ۾ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي. هن بدگمانين سان گڏوگڏ غيبت کان بچڻ جي تلقين ??ئي ۽ چيو ته ان حوالي سان دين اسلام ۾ واضح ??دا??تون آهن، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اخلاق حسنه رکندڙ معاشرو جوڙي اسان پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر عارف علوي جي ??دا??ت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع ??سج?? مان جمعي جو خطبو سڌو ??نئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.