اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پا?? افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص معاون محمد شهزاد ارباب، قومي اسيمبلي ميمبرن محمد يعقوب شيخ ۽ محسن داوڙ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزارت، واپار، ڪسٽم، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ آف پا??ستان، پي آءِ اي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پا??ستان، هوم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ پا?? افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ واپار جي معاملن تي خيان جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان پا??ستان جو پا??يسري ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا مفاد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، پا?? افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ بارڊر مئنيجمينٽ جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پا?? افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي گذريل ٻن سالن کان پا?? افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپار ۾ اضافي جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. پا?? افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس گهرايو ويندو. افغانستان ۾ پائيدار امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ لازمي آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان وچ ايشيائي ملڪن تائين روانگي واپار ۾ اضافي جا موقعا پيدا ٿيندا. پا?? افغان واپار ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي. هن چيو ته پا??ستان ۽ افغانستان هڪ ٻئي جي لا??ِ لازم ملوزم آهن، پا?? افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. پا?? افغان لاڳاپن ۽ واپار جي حوالي سان معاملن تي ايوان ۾ بحث ڪرايو ويندو. اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي پا?? افغان بارڊرز تي ڪنٽينرز جي اسڪينگ ۽ ڪسٽ?? ڪليئرنس ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پا?? افغان بارڊر تي سلو اسڪينگ ۽ ڪسٽ?? ڪليئرنس ۾ دير جي ڪري واپارين کي واپاري سامان خراب ٿيڻ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. خيبرپختونخواهه جي هوم ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته ڪميتي جي هدايت تي چيف سيڪريٽري کي پا??ستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بس سروس جي بحالي لاءِ سمري موڪلي وئي آهي.