اسلام آباد – 18 211; ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪس??ان جاپان سان گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪس??ان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سفير کي پاڪس??ان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪس??ان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي بنيادن تي قائم آهن. وزيراعظم جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ بابت پاڪس??ان جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، فوري انساني امداد بحال ۽ افغانس??ان جي منجمند اثاثن جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفاهمت ۽ هڪ ٺوس سي??سي ڍانچي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. جاپاني سفير جاپان سان پاڪس??ان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. سفير جاپاني ۽ ٻين شهرين کي افغانس??ان مان ڪڍڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي پاڪس??ان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت پاڪس??ان مان جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي پڻ روشني وڌي.