اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هاڻي عالمي ميڊيا به ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کي بي نقاب ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فرانس 24 ٽي وي چينل پاڪستاني فضائيه جي افغانستان ۾ پنجشير تي حملي بابت ڀارتي ميڊيا جي جعلي خبرن کي بي نقاب ڪيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرانس 24 ٽي وي جي وڊيو رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. وڊيو ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت ج?? هستي ٽي وي چينل طالبان جي پنجشير تي قبضي جي دعويٰ کانپوءِ پاڪستان اي??ر فورس جي پنجشير تي حملن بابت جعلي رپورٽ جاري ڪئي. ڀارت جي ٽائيمز نائو ٽو ڀ??رت ۽ زي هندستان ٽي وي چينلز پڻ انهي وڊيو جو سهارو وٺي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي.