گڏي قومون – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان زور ڏنو آهي ته افغانستان جي انساني صورتحال سنگين آهي ان ڪري بين الاقوامي برادري نئين تبديلي تي متفقا نظريو اختيار ڪري ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي ۾ مدد ڪري ڇو جو مسابقتي ۽ غير متفقا نظريي سان افغانستان ۽ سموري خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ خوشحال?? جي موقعن کي نقصان پهچندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ افعانستان جي صورتحال تي بحث دوران آئرلين?? جيڪو سيپٽمبر جي مهيني لاءِ سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي، جو ٿورو مڃيو جنهن افغانستان جي صورتحال تي پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي شرڪت کي يقيني بڻايو آهي جڏهن ته ان جي ابتڙآگسٽ ۾ ڀارت س??امتي ڪائونسل جي صدارت دوران افغانستان تي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ پاڪستان جي شرڪت جون درخواستون رد ڪيون هيون. پاڪستان?? نمائندي منير اڪرم چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا، ڇڪتاڻ ۽ ماض?? جي حڪومتن جي ناڪامي ۽ ڪرپشن سبب افغانستان ۾ انساني صورتحال خوفناڪ آهي جتي هڪ ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي فوري مدد جي ضرورت آهي ان ڪري اسانکي افعانستان جي صورتحال کي وڌيڪ بدترين ٿيڻ کان روڪڻو پوندو جنهن سان پناهگيرن جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ کي ڏکيو بڻائي سگهي ٿو. هن ان سلسلي ۾ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مشن جي ??رب??اهه ۽ گڏيل قومن جي خاص نمائندي ڊيبواليونز جي ان مطالب?? جي حمايت ڪئي جنهن ۾ هن افغانستان لاءِ ان جي ما??ي وسيلن تائين پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان?? نمائندي چيو ته ما??ي وسيلن تائين پهچ افغانستان ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي 13 سيپٽمبر ت?? جينوا ۾ بين الاقوامي امدادي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي قدم جي پڻ ساراهيندي زور ڏنو ته عالمي برادري دل کولي امداد ڪري ڇو جو افغانستان اڄ پنهنجي تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي ۽ افغان عوام بين الاقوامي برادر?? جي سهڪار سان امن جي بحالي ۽ ترق?? جي امڪانن کي زنده ڪري سگهي ٿو.