اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ۽ راندين جي فروغ جي حوالي سان ليگ جي مثبت اثرن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آزاد ڪشمير ۾ انتظامي ڍانچي جي حوالي سان سڌارن واري ايجنڊا ۽ حڪومتي نظام ۾ شفافيت ۽ عوامي خدمتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن تي به ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران ان ??يو ته فرق واضح آهي، جتي هڪ طرف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عوامي ڀلائي جا قدم ۽ نوجوانن جي ذه??ي ۽ جسماني تربيت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ راندين جي فروغ لاءِ عالمي سطح جي ڪرڪيٽ ليگ منعقد ڪرائي وئي اتي ٻئي طرف ڀارتي گهيراءُ ۾ مظلوم ڪشميرين کي غيرقانوني ڀارتي گهيراءُ ۽ ظلم ??ر??يش آهي.