اسلام آباد ??? 09 آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪست??ن مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، پوري پاڪستاني قوم ماحولياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچڻ لاءِ وڻ پوکي پ??هنجي قومي ذميداري پ??ري ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم سگيان ۾ مياواڪي وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪندو. وڏي وزير س??ن ملاقات سميت گورنر هائوس پنجاب ۾ وزيراعظم کي پ??ئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان آب پاڪ اٿارٽي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز بابت بريفنگ ڏني ويندي.