اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڙين خبرن جي وڌندڙ لعنت جي حوصلا شڪني تي زور ڏنو ??هي?? ڇاڪاڻ جو اها معاشري ۾ انتشار ۽ ماڻهن جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي ??هي?? هن چيو ته ميڊيا اخلاقي قدرن جي فروغ ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪر??. پ??مرا معلومات جي آزاداڻي فراهمي يقيني بڻائي معلومات، تعليم ۽ تفريح جي معيار کي بهتر بڻائي اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا جي چيئرمين محمد سليم ??يگ سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران پيمرا جي چيئرمين صدر کي پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزاداڻي فروغ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 20 -2019ع پيش ڪئي، هن ملڪ ۾ سچي ۽ صحيح معلومات جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کي به اجاگر ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته معاشري کي ڪوڙين خبرن جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها لاڳا??يل اسٽيڪ هولڊرن جي ذميداري آهي ته هو ڪوڙين خبرن جي پکيڙ کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان سان ماڻهن کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.