اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته مديني جي رياست وانگر جنهن به قوم معاشري جي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي بالادستي جو اصول اختيار ڪيو ان قوم ترقي ڪئي، چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي ??رب?? مان ڪڍيو، اسان انهي ماڊل تي عمل ڪري رهيا آه??ون، احساس پروگرام ان سلسلي جي ڪڙي آه??، ورلڊ بئنڪ ??وج?? ڪورونا وائرس سبب متاثر طبقي کي فوري ۽ شف??ف انداز ۾ مدد ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آه??. هو احساس بچت بئنڪ اڪائونٽ پروگرام جي آغاز تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر به خطاب ڪيو، وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته هو ورلڊ بئنڪ پاران احساس پروگرام کي سيفٽي نيٽ جو ڪووڊ جي دوران دنيا جو چوٿون بهترين پروگرام قرار ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر، احساس جي ٽيم کي خراج تحسي?? پيش ڪريون ٿا.