اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس اٽڪل 124 ملين رپين جي ??را?? جي ڪهاڻي آهي جيڪو پاناما پيپرز ڪيس جي ڪاٿي کان وڏو آهي ۽ ان جي شروعات 2000ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن نيب عملدارن حديبيه پيپرز جي خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو، نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين نواز، شهباز شريف ۽ سندس سياسي وارث حمزه شهباز به ان ڪيس جا مرڪزي ڪردار آهن، ان ڪيس ۾ ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن جنهن تي نئين جا?? جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستا?? جو مستقبل قانون جي حڪمراني سان واڳيل آهي. حديبيه پيپر ملز جي خلاف ڪيس جا تفصيل جاري ڪندي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌ??ي فواد حسين چيو ته اسحاق ڊار ان ??را?? ۾ شريف خاندان جي معاونت جي لاءِ فارن ڪرنسي جا جعلي بي نامي اڪائونٽس کولرايا. پڪڙجڻ تي اسحاق ڊار ??اع??ه معاف گواهه بڻجي ويو ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي پنهنجو تفصيلي بيان به رڪارڊ ڪرايو پر بعد ۾ اهو چئي ته کانئس اهو بيان زبردستي ورتو ويو، پنهنجي بيان تان ڦري ويو.