اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف جعلي فليگ آپريشن جي بيوقوفي ڪئي وئي ته ان جو هر سطح تي ڀ??پور جواب ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت پاران 2020ع ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جون ٽي هزار خلا?? ورزيون ڪيون ويون آهن، هروڀرو ۽ ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ 276 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جنهن مان 92 عورتون ۽ 68 ٻار شامل آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته گ??يل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت فوجي مبصر گروپ جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ ع??لمي قانونن جي خلا?? ورزي آهي، ان گاڏي تي گ??يل قومن جو واضح نشان ۽ نيرو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ڀارت جو اهو قدم ڪنهن به ذميدار رياست جي قدرن، عالمي ۽ گ??يل قومن جي قانونن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.