اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو ??فتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته هڪ نصاب هڪ قوم بڻائيندو، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ هڪ اهم خدمت آهي. وزيراعظم ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو ??فتتاذح ڪيو، ريڊيو اسڪول جو منصوبو اطلاعات وا??ي وزارت ۽ تعليم وا??ي وزارت جي حصيداري سان شروع ڪيو ويو آه??. ا?? سان ملڪ کي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪورونا وبا جي ڪري معطل ٿيندڙ تعليمي سلسلي کي بحال رکي سگهبو. تقريب ۾ تعليم وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم وا??ي پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئ??. ا?? موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا جي ڪري مشڪلاتن جو ??ڪار آهي، ان جي ڪري تعليمي عمل به مت??ثر ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته تعليم ۽ اطلاعات وا??ي وزارت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن تعليم جي سلسلي کي جاري رکڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن جن سان تعليمي عمل تي وبا جي ڪري پوندڙ منفي اثرن ۾ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ان عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو ??ستعمال خوش آئنده آه??. ا?? سان ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم پهچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڻي اسان کي خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ استادن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن سان انهن علائقن جي تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته هڪ جهڙو نصاب تعليم وا??ي وزارت جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي ۽ انقلابي قدم آه??. ا?? سان هيٺئين طبقن کي به تعليم ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا ملندا. وزيراعظم نيشنل ايجوڪيشن پاليسي کي به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته فني تعليم پڻ تمام ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته مون گورنمينٽ ڪاليج جي پهرين پرنسپل جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته 1897ع کانپوءِ ڪيئن انگريزن مسلمانن جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو، ان وقت ديني مدرسن ۾ هندو ۽ سک به تعليم حاصل ڪندا هئا جڏهن ته اتي جديد تعليم پڙهائي ويندي هُئي پر بعد ۾ ديني مدرسن کي آئسوليٽ ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي گادي وا??ي شهر اسلام آباد کي تعليم جي حوالي سان ماڊل بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته موجوده تعليمي نظام هيٺئين طبقي کي مٿي اچڻ کان روڪي ٿو جڏهن ته انهن جي صلاحيتن کي محدود ڪري ٿو. ٽيلي اسڪولنگ جي قدمن سان شاگردن جي لاءِ 0 ڪلاڪ جي نشريات جاري رهندي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي تعليم پورٽل جي ترويج جي لاءِ آگاهي مهم ۾ ”فيس بڪ“ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وا??ي وزارت سان حصيداري ڪري رهيو آه??. ا?? مهم جو مقصد عوام کي ”اي تعليم پورٽل“ ۽ ان تي موجود تعليمي مواد کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن شاگرد ۽ والدين ان مان هر مممڪن فائدو کڻي سگهن.