اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ??ار?? پاڪستاني سياسي پارٽين کي ورهائڻ چا??ي ٿو، ڪرپشن جي خلاف ??لسا ڪرڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ تي جلسا ڪندڙ ڪشمير مسئلي تي فوڪس ڪن، ??ار?? کان شمله معاهدي بعد ڳالهين جا ڪيترائي دور ڏسي ورتا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن سان حل ڪرائڻو پوندو. اسلام آباد کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين ڪڍيل ڪشمير ريلي ??انپوءِ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ??ار?? ۾ هندو توا ۽ آر ايس ايس جو راڄ آهي، ڪشميري اڳواڻ ٻيڙيون ساڙي چڪا آهن هاڻي آزادي کانسواءِ ڪجهه نه، سمورا ڪشميري گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ياسين ملڪ تهاڙ جيل جي ڊيٿ سيل ۾ آهي، علي ??يلاني جي حالت گهڻي خراب آهي، ڪشميري حريت پسند اڳواڻن ۽ قائداعظم جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪشميري 8 لک فوج جي گهيراءُ ۾ آهن.