اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته ڀارت ۾ 2014ع ۾ وزيراعظم نريندر مود?? جي قيادت ۾ ڀارتي جنتا پارٽ?? جي اقتدار ۾ اچڻ سان هيستائين مسلمانن لاءِ خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي، مودي جو نظريو نسلي ۽ مذهبي نفرت جي مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي، ڀارتي وزيراعظم جي هندوتوا ۽ فاشزم تي ٻڌل نظريا امن لاءِ خطرو آهن، ڀارتي وزيراعظم کي سمجهڻ گهرجي ته ڀارت ۾ اقليتون مذهبي نف??ت کان تحفظ ۽ مذهبي آزادي جو برابر حق رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارت ۾ اسلامو فوبيه جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نريندر مودي فاشسٽ آر ايس ايس جي تربيت يافته هو جيڪو نسلي برتر?? جي نظريي تي يقين رکي ٿو ۽ هن مسلمانن ۾ خوف پکيڙي پنهنجو ووٽ بئنڪ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪيو، هن چيو ته اسلامو فوبيا جو تصور هڪ مشڪل حقيقت رهيو آهي تنهن هوندي به تازو ئي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ان کي هڪ هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيو آه?? جيڪو ان جي سياسي تسلسل جو آئنيدار آهي، 2014ع ۽ 2019ع ۾ چونڊن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئ?? جيتوڻيڪ هو 2002ع ۾ گجرات فسادن ۾ اڻ ڳڻين مسلمانن جي وحشياڻي قتل جو ماسٽر مائينڊ هو، ان مان واضح طور تي ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت نام نهاد سيڪيولر رياست مان صرف هندو ملڪ بڻجڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، هن چيو ته مودي کي اسلامو فوبيه بابت پنهنجي ناپاڪ ارادن تي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ کيس عالمي امن کي داءُ تي نه لڳائڻ گهرجي.