اسلام آباد ??? 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڀارت فوج?? گهيراءُ ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوج?? گهيراءُ ۽ غيرقانوني قدم سان ڀارت جي حڪومت خاص طور تي مودي سرڪار جي استحصالي ۽ توسيع پسنداڻا ارادا دنيا ۾ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ٿيندڙ پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ??له??يو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير جي مسئلي تي متفق آهن ۽ سڀني ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي آئين ما?? آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي جي غيرقانوني قدم جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اصل ايجنڊا کي بي نقاب ??ري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار جي توسيع پسنداڻي ۽ نفرت تي ٻڌل قدمن پوري خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.