اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قرضن ۾ رليف جي لاءِ جي 20 ملڪن جي قدمن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن وٽ ايترا مالي و??يلا ناهن جو هو پنهنجي معيشت کي بحال ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪري سگهن، ڪورونا هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان سان گڏجي عالمي انداز ۾ م??هن ڏيڻو آهي، ڪورونا وائرس جي پکيڙ دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان جو روانگي و??پار به متاثر ٿيو آهي، ترقي يافته ملڪ جيڪڏهن ان مسئلي کي م??هن ڏيڻ لاءِ قدم کڻن ته سڀئي م??ڪل صورتحال مان نڪري سگهن ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا ۽ ان کانپوءِ ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري بابت عالمي و??چوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪينيڊا ۽ جميڪا جا وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي اجلاس جي صدارت ڪئي.