اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ غريب ماڻهن جي امداد لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي سياست نه ڪري، ا??ڙي بحث ۾ نه پوڻ گهرجي جنهن سان معاشرو ورهائجي وڃي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته معيشت جو ڏيوالپڻو ٿئي ۽ انهن کي ??ين آر او ملي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺ??دي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انهن ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، سيڪيورٽي فورسز، فلاحي تنظيمن کي ??راج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، ا??هن جي قربانين کي ??ئون پنهنجي ساٿين پاران سلام پيش ڪريان ٿو، ا??هن جي اهاقرباني سدائين هن ملڪ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکي ويندي، هن پوري وبا جو انٽرنيشنل تناظر آهي، ا??ا ڪنهن مقامي علائقي جي نه آهي، ا??و پاڪستان جو نه پوري دنيا جو مسئلو آهي.