پيرس -06 سيپٽمبر(اي پي پي ) اسڪول تعليمي سال جي پهرين ڏينهن درجني ڇوڪرين کي عبايو لاهڻ کان انڪار ڪرڻ تي گهر موڪلي ڇڏيو آهي . عرب نشرياتي اداري موجب فرانس جي تعليم واري وزير جبريل اتل ميڊيا کي ٻڌايو ته سومر جي صبح 300 ڇوڪريون مسلم لباس تي پابندي جي مخالفت ڪندي عبايا پائي اسڪول آيون اسڪول ا??تظ??ميا جي زور تي گهڻي قدر ڇوڪرين لباس کي تبديل ڪرڻ تي اتفا?? ڪيو پر 67 انڪارڪيو جنهن جي ڪري انهن کي واپس گهر موڪليو ويو آهي .