اس??ام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ??چ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي ??رڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن جي ??ثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ڌرين بنيادي دلچسپي جي ??عاملن تي سدائين هڪ ٻئي جي ??ڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مستقبل ۾ ٻئي ڌريون عالمي فورم تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکندا. وزيراعظم نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 29 جي ??يزبان شهر جي طور تي باڪو جي چونڊ تي پرڏيهي وزير بيراموف کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ان اهم ايونٽ جي ڪامياب نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ آذربائيجان سان گڏجي ڪم ڪندو. جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران صدر الهيام عليوف سان پنهنجي ??اڀائتي ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي وزيراعظم آذربائيجان جي صدر کي هن سال جي آخر ۾ پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي دعوت ج?? ورجاءُ ڪيو. آذربائيجان جي ??رڏيهي وزير مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزير جي ??چ ۾ ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيجان جي ??يادت پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ کيس آذربائيجان جي ??اڪستان سان پنهنجي ??اڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڀرپور خواهش جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير بيراموف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.