اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته روس سان توانائي ۽ بارٽر واپار جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون، روس پاڪستان سان واپار جي فروغ لاءِ روسي بئنڪن کي پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي ترغيب ڏي. ايوان صدر جي پريس ??نگ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ خوريو سان ڳالهائي رهيو هو جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر روس سان ثقافتي شعبي خاص طور تي ٽي ??ي ۽ فلمز ۾ تع??ون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفير کي روسي صدر جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد، نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته صدر پيوٽن جي قيادت ۾ روس تيز تر معاشي ترقي ڪندو، عالمي امن کي فروغ ٿيندو. صدر جو م??سڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي ۾ 130 معصوم جانين جيزيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. روسي سفير چيو ته روس پاڪستن جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻئي ملڪ گڏيل معاملن بشمول دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي اسمگلنگ تي تع??ون ڪري رهيا آهن، روس پاڪستان سان موجوده واپاري ڪاٿي کي ٻيڻو ڪرڻ چاهي ٿو. روسي سفير ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. روسي سفير صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.