ڪرتارپُور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سمورن سک يا??ري?? جي آجيان ڪري ٿو، ڪرتارپور لنگهه امن جي علامت آهي، ڪرتارپور لنگهه سان پاڪستان دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان امن ج?? خواهشمند آهي، پاڪستان جو پيغام امن جو پيغام آهي. نارووال ۾ ڪرتارپور لنگهه جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم اهنگي جي اهڙن وڌيڪ قدمن سان خطي ۾ امن کي هٿي ملندي، سک مذهب امن ۽ اتحاد، ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو درس ڏنو آهي.
هن چيو ته سک يا??ري?? جي آساني ۽ سهولت جي لاءِ پاڪستان جا قدم ساراهه جوڳا آهن. صدر کي سي اي او پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ ڪرتارپور صاحب ۾ سک يا??ري?? جي سهولت لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني جن??ن ۾ صدر کي سک مذهب ۽ ڪرتارپور صاحب جي تاريخ بابت ٻڌايو ويو. صدر ڪرتارپور صاحب ۾ مختلف جاين جو دورو ڪيو ۽ يا??ري?? جي لاءِ ڪيل انتظامن کي ساراهيو. صدر پنهنجي دوري دوران ميوزيم ۽ لنگرخاني جو دورو پڻ ڪيو.