اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪ??تا?? ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جو شعبو ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، لوڻ جي برآمد ۾ اضافي سان پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ڪمپني ميريڪل سالٽ ڪليڪٽو ان ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي صدر احمد نديم خان جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي ۽ ميريڪل سالٽ جي وچ ۾ صحيحون ٿيندڙ جوائنٽ وينچر کانپوءِ پاڪ??تا?? جي لوڻ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو آمريڪا پاڪ??تا?? جي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. نگران وزيراعظم چيو ته هي منصوبو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پاڪ??تا?? ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ترين موقعا موجود آهن، هماليائي گلابي لوڻ سڄي دنيا ۾ پاڪ??تا?? جي سڃاڻپ آهي، ان جي عالمي منڊين ۾ برآمدات خوش آئنده ڳالهه هوندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت پاڪ??تا?? ۾ ان شعبي جي ترقي جون نيون منزلون طئي ڪيون پيون وڃن. نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. ميريڪل سالٽ جي وفد حڪومت خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جا ڪمپني سان تعاون تي ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم ک?? ٻڌايو ته ڪمپني جي پاڪ??تا?? ۾ جوڙجڪ کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجز تي آندو ويندو جنهن سان حڪومت ۽ مقامي سيڙپڪارن کي به فائدو ٿيندو. وفد نگران وزيراعظم کي لوڻ جي کاڻين وارن علائقن ۾ مقامي آبادي جي ??عا??ي بهتري، تعليم ۽ صحت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي بابت پڻ آگاهه ڪيو.