اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو وڏو سبب اسمگلنگ آهي. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگ??ان وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پا??ان اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳ??لهائيندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو هڪ وڏو سبب اسمگلنگ ۽ شين جي غيرقانون?? چرپر آهي. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي سان ٽريڪنگ جي نظام کي بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم حڪم ڏنو ته جيڪو به اهلڪار اسمگلنگ ۾ ملوث ڏٺو وڃي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي ۽ ڪسٽمز جي حساس پوسٽ تي ڪنهن به آفيسر جي مقرري کان اڳ انٽيليجنس ڪليئرنس ورتي وڃي. هن اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان ڪوتاهي ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري بلوچستان کي چاغي ضلعي جي سموري انتظامي مشينري تبديل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته چمن، طورخم، غلام خان چيڪ پوسٽن سميت بلوچستان جي سرحدي علائقن تي نگراني جو عمل سخت ڪيو وڃي، ڪارگو جي چيڪنگ ۾ بهتري آندي وڃي ۽ چمن بارڊر تي ڪسٽمز جو عملو وڌايو وڃي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي پا??ان جاچ تي جاري اڳڀرائي تي نگ??ان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. نگ??ان وزيراعظم ڪميٽي کي پوري ايمانداري سان پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪميٽي جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن سان اي??ان مان پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ تفتان کان ڪوئيٽا تائين ڪارگو جي ٽريڪنگ جو نظام شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگ??ان وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، واپار واري نگ??ان وفاقي وزير گوهر اعجاز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اعليٰ آفيسرن ۽ حساس ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.