اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ پاڪستان جي نئين سفير خليل هاشمي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيون ذ??يو??ريون ملڻ تي خليل هاشمي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چين جي لاءِ مقرر ٿيندڙ نئين سفير خليل هاشمي پاڪ – چين لاڳاپن جي حوالي سان نگران وزيراعظم کان رهنمائي ورتي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته خليل هاشم?? چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستح??م بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو.